تعميرِ سنڌ

تعميرِ سنڌ

تعمير سنڌ

تعميرِ سنڌ (اخبار ):روازني تعمير سنڌ 18 مارچ 1999ع تي حيدرآباد مان جاري ٿي. هي اخبار ان کان ڪجهه مهينا اڳ اخلاق جوکيو سکر مان ڪڍندو هو، جيڪا پوءِ قاضي شاهه محمد خريد ڪري حيدرآباد مان جاري ڪئي، ان جو پهريون ايڊيٽر ناز سهتو جنهن هــڪ ســال تـائيــن ايـڊيــٽـر طــور ڪــم ڪيو، جنهن کان پوءِ اخــــلاق جـــوکـيـــو 2002ع تائين ايڊيٽر رهيو ۽ اخبار جو مالڪ قاضي شاهه محمد پاڻ ايڊيٽر بڻيو ۽ جعفر ميمڻ کي اسسٽنٽ ايڊيٽر بڻايو ويو. جيڪو 2005ع تائين موجود رهيو. ان بعد تعمير سنڌ جي هيڊ آفيس ۽ ڊيسڪ اسٽاف ڪراچي جي ايم. اي جناح روڊ تي منتقل ڪئي وئي. اخبار جو پبلشر قاضي اياز عالم آهي، جنهن جي پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ آهي. تعمير سنڌ جي شروعاتي قيمت ڪجهه سالن تائين 2 رپيا هئي، جيڪا پوءِ 7 رپيا ڪئي وئي. تعمير سنڌ جا 2 خاص شمارا ”آئينو“ ۽ ”گلدستو“ پڻ هر ٻئي ڏينهن شايع ٿيندا رهن ٿا.


لفظ تعمير سنڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو